اسلام آباد – 06 اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته خالد مقبول صديقي جي وفاقي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان وزيرن جي قلمدانن ۾ تبديلي ڪئي آهي جڏهن ته نئين وزيرن کي پڻ وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سيد فخر امام کي خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وز??ر، مخدوم خسرو بختيار کي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر، حماد اظهر کي صنعت وارو وفاقي وز??ر، اعظم سواتي کي منش??ات جي خاتمي وارو وفاقي وز??ر، ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي پارلياماني معاملن وارو صلاحلڪار ۽ امين الحق کي ٽيلي ڪميونيڪشن جي وفاقي وزير جا قلمدان ڏنا ويا آهن.