اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) سيني?? چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن لاڳاپن کي گهڻ رخي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ??يڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ هڪ ٻي جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ??ا ۽ اداره جاتي تعاون ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان رابطاڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو، سوئٽزرلينڊ جي پارلياماني وفد جي دوري جا جلد مثبت نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سوئٽزرلينڊ جي رياستن جي ڪائونسل جي صدر جين ريني فرنيئر جي سربر??هي ۾ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جو دورو ڪندڙ پارلياماني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.