اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پهرين اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، وفاقي تر??ياتي اداري (سي ڊي اي) کي انتظامي ۽ پاليسي سان لاڳاپيل م??املن کان جدا ڪرڻ، بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لا??ِ ايندڙن جي لاءِ 2 ڏينهن جي فيس معافي، پاسپورٽ جي شرط هڪ سال لاءِ ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سياحن جي لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي جي لاءِ موجوده پاليسي تي نظرثاني ڪئي ويندي، ميجر جنرل م??مد عامر حميد کي رينجرز پنجاب جو ڊي جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪي معيشت جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪابينا جي گذريل ا??لاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي.