اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهير?? شاهد چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات ت?? عمل ڪاميابي جي ڪنجي آهي. عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان پ??هنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهير?? شاهد چيو ته حضور نبي آخر الزمان ﷺ جي زندگي هر مسلمان جي لاءِ رول ماڊل آهي ۽ ان جي تعليمات ت?? عملدرآمد دنيا ۽ آخرت جي ڪنجي آهي. هن چيو ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن مسلمانن لاءِ هڪ خصوصي ڏينهن آهي ڇو ته ان ڏينهن حضرت محمد ﷺ دنيا تي تشريف آندي. شاهير?? شاهد چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ٻڌائڻ گهرجي ته اسلام جي تبليغ جي دوران حضور نبي ڪريم ﷺ ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ ان جي طرز زندگي ڪهڙي هئي. هن چيو ته اسان پ??هنجي نوجوانن کي ٻڌايون ته حضرت محمد ﷺ جي تعليمات ت?? عملدرآمد ڪري اسان پ??هنجي زندگين ۾ ڪيئن بهتري آڻي سگهون ٿا، هن چيو ته نبي آخر الزمان ﷺ جي تعليمات کي سڄو سال ياد رکڻ گهرجي ۽ ان ت?? عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.