اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ عام چونڊن کا?? اڳ ملڪ ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آدمشاري ايندڙ چونڊن کا?? اڳ ٿيندي، آدمشماري لاءِ سڀئي وسيلا فراهم ڪيا ويندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن ج?? وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته آدمشماري هڪ ڊگهو عمل آهي، مالي سال 22 -2021ع ۾ شروعاتي مرحلي لاءِ پنج ارب روپين ج?? رقم مختص ڪئي وئي آهي، ان رقم ۾ صوبن کي پنهنجو حصو وجهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو وفاق ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي خرچ برداشت ڪنديون، آدمشماري لاءِ فنڊن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان ج?? جي ڊي پي ??ي قرض جو تناسب 60 سي??ڙو کا?? وڌيڪ نه ه??ڻ گهرجي. اهو 2020ع ۾ 87.6 سي??ڙو هو جڏهن ته مارچ 2021ع جي آخر ۾ 79.7 سي??ڙو رڪارڊ ڪيو ويو.