لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ ۽ پنجاب جي آءِ جي انعام غني ملاقات ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو و??و وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کانسواءِ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي، مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي رو??ٿام لاءِ انتظاميا جي قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. سڄي صوبي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اهڙن واقعن کي رو??ڻ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ سخت قدمن جي هدايت ڪئ??، وزيراعظم چيو ته جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا يقيني بڻائي وڃي. وزيرعظم عمران خان شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئ??.