اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊن ۾ فائدي ج?? لاءِ مستقل ڪيل ايڊهاڪ ملازمن تي نظرثاني ڪنداسين. ”توهان جو وزي??اع??م توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪشمير ۾ ايڊهاڪ ملازمن جي مستقلي ج?? حوالي سان سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته ادارا انهي لاءِ تباهه ٿين ٿا، پي ٽي وي سميت وڏا ادارا سياسي ۽ سفارتي ڀرتيون ٿيڻ تي تباهه ٿيا، گهڻي ب??يٽ ادارن جي ملازمن جي پينشن ۾ وڃي ٿي، آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو اهو قد?? کنيو ويو هوندو، 2008ع ۾ اسٽيل ملز منافعي ۾ هئي، پيپلزپارٽي ج?? دور ۾ سياسي ڀرتين سان اهو ادارو اڄ بند ٿي چڪو آهي، پي آءِ اي اهڙي طرح خساري ۾ آهي، اسان کي ملڪ کي امانت سمجهي هلائڻو آهي، آزاد ڪشمير ۾ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ تي نظرثاني ڪنداسين.