اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا اسٽيٽ بئنڪ جي آپريشنل ۽ انتظامي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ، دائره ڪار ۽ اختيارن کي وڌائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ترميمي) بل 2021ع جي مسودي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيش?? ايڪٽ جي تجويز ڪيل قانون جي مسودي، تجويز ڪيل انڪم ٽيڪس (ٻي ترميم) بل 2021ع جي مسودي، اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گور??نس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع، سارڪ ڪوويڊ 19 ايمرجنسي فنڊ ۾ 30 لک ڊالر عطيو ڏيڻ ۽ ورڇ ڪرڻ جي طريقيڪار سميت مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته اسان جي حڪومت سينيٽ جي شفاف چونڊن جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي جڏهن ته اليڪشن انهي ڏينهن غيرتڪراري ٿيندي جڏهن اوپن بيلٽ سان اليڪشن ٿيندي، اسان اونداهي قوتن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پورو زور لڳائينداسين، صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن کٽيندو. هو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز ٻڌايو ته ڪاب??نا کي اسلام آباد ميٽرو بس پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي، ميٽرو بس منصوبي ۾ دير جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. ڪاب??نا پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيش?? ايڪٽ جي تجويز ڪيل قانون جي مسودي جي اصولي طور تي منظوري ڏيندي مسودو ڪاب??نا جي قانونسازي بابت ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني. ان تجويز ڪيل قانون تحت اڪيڊمي آف ايجوڪيشن پلاننگ اينڊ مئنيجمينٽ ۽ نيشنل ايجوڪيشن اسيسمنٽ سسٽم جو انضمام ڪري هڪ جديد ادارو قائم ڪيو ويندو جيڪو تعليمي ادارن جي ڊيٽابيس ۽ تعليمي ادارن جي معاملن کي منظم ڪرڻ ۾ ذميواريون ادا ڪندو. ان سان گڏوگڏ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوالي سان ڪاب??نا آئوٽ آف اسڪول چلڊرن فريم ورڪ جي پڻ منظوري ڏني. ان فريم ورڪ تحت انهي سموري عمل ۽ محرڪات جو جائزو ورتو پيو وڃي جنهن جي ڪري ٻار اسڪول نه پيا وڃي سگهن. ان فريم ورڪ ۾ آئوٽ آف اسڪول چلڊرن کي اسڪولن ۾ واپس آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي پڻ تجويز ڪئي وئي آهي. ڪاب??نا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ترميمي) بل 2021ع جي مسودي جي منظوري ڏيندي ان کي پارليامينٽ آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان بل جو مقصد اسٽيٽ بئنڪ جي آپريشنل ۽ انتظامي خودمختياري کي يقيني بڻائڻ، دائري ڪار ۽ اختيارن کي وڌائڻ آهي. ڪاب??نا پاڪستان حڪومت پاران سارڪ ڪوويڊ 19 ايمرجنسي فنڊ ۾ ڏنل عطيي جي ورڇ جي طريقيڪار جي منظوري ڏني. واضح رهي ته ڪاب??نا پاڪستان حڪومت پاران سارڪ ڪوويڊ 19 فنڊ ۾ 30 لک ڊالر عطيو ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. فنڊ قائم ڪرڻ وقت اهو طئي ٿيو هو ته ان فنڊ جي ورڇ سارڪ سيڪريٽريٽ جي توسط سان ڪئي ويندي جڏهن ته بعد ۾ سارڪ ميمبر ملڪن پاران اهو فيصلو ڪيو ويو ته هر ميمبر پاران فراهم ڪيل عطيي جي ٻطرفي بنيادن تي ورڇ ڪئي ويندي. تنهن ڪري ڪاب??نا پاڪستان پاران سارڪ فنڊ ۾ ڏني ويندڙ عطيي جي نئين طريقيڪار موجب ورڇ جي نئين طريقيڪار جي منظوري ڏني. ڪاب??نا نيپرا ٽربيونل ۾ فنانس ميمبر جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران سفارش ڪيل اميدوارن جي اهليت ۽ تجربي کي نظر ۾ رکندي پيش ڪئي ويندڙ تجويز سان اتفاق نه ڪيو. ڪاب??نا فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽ آرڊي??نس تحت شيخ زيد پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني. ڪاب??نا اوورسيز ايمپلائمنٽ پروموٽرز لائيسنسز جي حوالي سان 41 نوان لائيسنسز جاري ڪرڻ، 7 کي ملتوي ڪرڻ، 5 جي تبادلي ۽ دائري جي هڪ ڪيس جي منظوري ڏني. ڪاب??نا کي ٻڌايو ويو ته بيورو آف اميگريش?? اينڊ اوورسيز ايمپلائمينٽ پاران هيستائين 11 لک ماڻهن کي ٻاهرئين ملڪ موڪليو ويو آهي. ڪاب??نا اعزاز احمد کي نيشنل ٽرانسميش?? اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ”ڪورونا کان ڊڄڻو نه آهي“ جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري پاران داخل ڪيل هڪ رٽ پٽيشن جي حوالي سان ڪاب??نا ان راءِ جو اظهار ڪيو ته جيئن ته ان حوالي سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي واضح راءِ ملي چڪي آهي، ڪورونا وائرس جي صورت ۾ الله تعاليٰ پاران تنبيهه ٿيل آهي جيڪا الله سان رجوع ڪرڻ جي گهرج ڪري ٿي تنهن ڪري ڪورونا جي حوالي سان اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته ”ڪورونا وبا آهي، احتياط جنهن جي شفاف آهي“. ڪاب??نا فوزيه خان کي پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل (فنانس) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪاب??نا کي ٻڌايو ويو ته براڊ شيٽ ايوارڊ ڪميشن آف انڪوائري جي چيئرمين جسٽس (ر) شيخ عظمت سعيد بطور چيئرمين ڪنهن قسم جو معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪاب??نا سندس فيصلي کي ساراهيو. ڪاب??نا سي پيڪ بابت ڪميٽي جي 3 فيبروري 2021ع ۽ 22 فيبروري 2021ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪاب??نا توانائي بابت ڪميٽي جي 11 فيبروري 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 19 فيبروري 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪاب??نا تجويز ڪيل اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گور??نس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع جي مسودي جي منظوري ڏني. ڪاب??نا طارق رشيد کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪاب??نا تجويز ڪيل انڪم ٽيڪس (ٻي ترميم) بل 2021ع جي مسودي، اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (گور??نس اينڊ آپريشنز) بل 2021ع جي منظوري ڏني. ڪاب??نا پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ نارٿ سائوٿ گئس پائيپ لائين منصوبي جي حوالي سان معاهدي ۾ ترميم جي پروٽوڪول جي منظوري ڏني. ڪاب??نا صحت جي قومي اداري جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري جي منظوري ڏني. ڪاب??نا ڊريپ کي ڪوويڊ 19 ويڪسين جي ريٽيل پرائس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اها قيمت قانون موجب طئي ٿيل فارمولي موجب مقرر ڪئي ويندي. ڪاب??نا ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آف??سر شيخ اختر حسين کي هٽائڻ جي منظوري ڏني. ڪاب??نا عاصم رئوف کي ڊريپ قانون موجب عارضي طور تي سي اي او ڊريپ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز چيو ته اداراجاتي سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، سرڪاري ادارن جي قانونن، رولز، ادارن ۾ ري اسٽرڪچرنگ تي ڊاڪٽر عشرت حسين بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته خساري ۾ ويندڙ سرڪاري ادارن کي بهتر ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي حڪومت شفاف چونڊن جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪئي آهي، سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ سسٽم جي لاءِ هر آپشن استعمال ڪيو، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ ٿيندڙ ميثاق جمهوريت ۾ پڻ اهو لکيل آهي ته سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ ٿيڻ گهرجي، هاڻي قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير تاريخ جي ساڄي ۽ ڪير کاٻي پاسي بيٺل آهي.