اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي خوبصورتي قابل ديد آهي، علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي ڪري گذريل سال 20 لک قومي ۽ عالمي سياحن علائقي جو رخ ڪيو. نلتر ۾ ونٽر اسپورٽس فيڊريشن آف پاڪستان ۽ پاڪ فضائيه جي حصيداري سان جاري ونٽر اسپورٽس جي مقابلن جي پڄاڻي واري ??قر??ب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته گلگت ايئرپورٽ تي انٽرنيشنل اڏامون شروع ڪرڻ، علائقي ۾ رستن جي صورتحال بهتر بڻائڻ، ٽيلي مواصلات ۽ انٽرنيٽ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو سلس??و جاري آهي.