اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ر??سٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ن??جائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيليو??ي يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ر??سٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليو??ي يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ر??سٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ر??سٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ر??سٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف ??وري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ر??سٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن.