اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪن?? شعبي تي زور ڏنو آهي ته صارفين کي سهولتون فر??هم ڪرڻ، انهن جي مسئلن ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ وڌيڪ موثر قدمن کنيا وڃن، بئنڪنگ محتسب صارفين کي مفت ۽ فوري شڪايتن جي ازالي جي سهولت فر??هم ڪري رهيو آهي، بئنڪنگ محتسب جي ڪم ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهي پيدا ڪر?? جي ضرورت آهي، بئنڪاري نظام تي صارفين جي اعتماد ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ سان معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بئنڪنگ محتسب جي اهتمام هيٺ هڪ سيمينار جنهن جو عنوان ”بئنڪنگ محتسب تڪرارن جي حل ج?? متبادل فورم“ کي خطاب ڪندي ڪيو.