اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل بابت سمورا فيصلا قومي مفاد ۾ شفاف انداز ۾ ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چ??ي، اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، عبدالحفيظ شيخ جي هدايت?? جي روشني ۾ اجلاس کي روز ويلٽ هوٽل بابت معامل?? جي باري ۾ اپ ڊيٽ بريفنگ ڏني و??ي، وزيراعظم جي صلاحڪار اهو معاملو منصفاڻ??، انتهائي شفاف ۽ بهترين قومي مفاد ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي، هن روز ويلٽ هوٽل بابت سمورن فيصلن ۽ ڳالهين ۾ هوابازي واري سيڪريٽري سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئ??.