اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) تر??يء?? جي صدر رجب طيب اردوان صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻ??له?? ڪئي ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳالهه ٻ??له?? دوران ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ مل??ائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪوويڊ 19 عالمي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪوويڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ تي تر??يء?? جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳالهه ٻ??له?? ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يء?? ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪش??يرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.