اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊا??ٽر ظفر مرزا جي صدارت هيٺ پمز اسپتال ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائري??ٽر پمز ۽ اين ڊي ايم اي جا نمائندا به شامل هئا. ان موقعي تي ڪورونا وائرس کي مُنهن ڏيڻ لاءِ موج??ده صورتحال ۽ تيارين جو جائزو ورتو ويو. ڊا??ٽر ظفر مرزا چيو ته سيفٽي هيلٿ ورڪرز حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڀ ضروري قدم کڻي رهيا آهيون.