اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آه?? ته ڀارتي حڪومت جا ڪڌا ڪرتوت دنيا آڏو بي نقاب ٿي رهيا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ??ي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪ??ميري پنهنجي آزادي جو سج اڀرندي ڏسندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ?? نظريه پاڪستان ڪ??ئونسل جي اهتمام هيٺ ايوان قائد ايف نائن پارڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي مناسبت سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.