اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان اڄ ڇنڇر ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، ??مر??ن خان جي شفاف اليڪشن جي جدوجهد جا مخالف ووٽن جي خريد، وڪري ۽ پئسي جي سياست جا باني آهن، ??مر??ن خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪندو آهي، سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، ايندڙ چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي فتح ٿيندي، تحريڪ انصاف سدائين هر سطح تي صاف شفاف اليڪشن چاهي ٿي. هو پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم ??مر??ن خان جي موجودگي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن تفصيلي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم ??مر??ن خان واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته اليڪشن شفاف طريقي سان ٿين ڇو ته پئسي جي سياست سان اخلاقي قدر پائمال ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته پارليام??نٽ ۾ سينيٽ جا ميمبر پئسي جي زور تي ايندا آهن، اهو ??اثر ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ت?? جيڪڏهن مخالف ڌر منافقت نه ڏيکاري ها ته اڄ سينيٽ جي اليڪشن شفاف ٿئي ها، دراصل مخالف ڌر جي سياست مفادن ۽ پئسي جي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ت?? جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت کي پاڙون مضبوط ڪرڻيون آهن ته اهڙين چونڊن طرف وڃڻو پوندو جنهن تي سوال نه اٿن.